ٺٽوي درويش مٺو

ٺٽوي، درويش مٺو: درويش مٺو ٺٽوي هڪ اڻ پڙهيل هو پر جڏهن هو مخدوم نوح جي خدمت ۾ پهتو تڏهن ان تي ظاهري ۽ باطني علمن جا دروازا کلي ويا، اڳتي هلي هي اڻ پڙهيل فقير جڏهن قرآن شريف، تفسير ۽ شريعت طريقت جي علمن جو بيان ڪندو هو تڏهن وڏا وڏا عالم هن جي بيان تي حيران ٿي ويندا هئا ۽ هر ديني مسئلو هن کان حل ڪرائيندا هئا.
ٺٽي ۾ ان وقت هڪ وڏو عالم قاضي احمد رهندو هو جنهن کي ماڻهو امام اعظم ثاني چوندا هئا. ان کي جڏهن مٺو درويش جي خبر پئي تڏهن ”قصيده برده“ جا ٽي ڏکيا بيت اچي درويش مٺو جي آڏو پڙهيائين ۽ چيائين ته انهن جو مطلب بيان ڪريو؟ درويش مٺو انهن ٽنهي بيتن جو علم معاني، صرف و نحو ۽ لغت جي مطابق مطلب ٻڌايو، قاضي احمد اهو ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويو ۽ درويش صاحب جو معتقد ۽ مريد ٿي ويو. درويش مٺو ٺٽوي ”جامع فرخ“ ۾ گھڻو وقت گذاريندو هو ۽ ان جي رهڻ جو مڪان ٺٽي جي آگري محلي ۾ هو. ماڻهو سيد علي شيرازيءَ جو ميلو ختم ڪري پوءِ هن وٽ اچي حاضر ٿيندا هئا. هو اڪثر پنهنجي نالي بابت هي لفظ چوندو هو، منهنجي نالي مٿان پيش ڏنو وڃي (يعني وڏائي) ته مُٺو ٿي ويندس يعني بدبخت ۽ بدحال، اگر مٿان زبر ڏني وڃي (يعني خيال خودي) ته مَٺو ٿي ويندس يعني ”بڇڙو“ ۽ اگر هيٺان زير ڏني وڃي (يعني عجز انڪساري) ته مِٺو ٿي ويندس يعني شيرين. هن جي قبر مڪلي تي پير آسات جي ڏاڪڻ هيٺان ۽ بهاءُ الدين گودڙيي جي ڀر ۾ آهي. هي درويش يارهين صديءَ جي عالمن مان هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو